??سل??م آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي پاڻ?? جي کوٽ جي وڌندڙ بحران کان بچائڻ جي لاءِ زراعت ۾ ڊرپ ۽ اسپري ايريگيشن جهڙن پاڻ?? جي گهٽ خرچ ۽ سمارٽ طريقن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، زرعي شعبو ملڪ جو اٽڪل 95 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري ٿو جنهن جي لاءِ پاڻ?? جي استعمال ۾ بچت جي حوالي سان فوري منصوبابندي ۽ سڌارا ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??سل??م آباد ۾ منعقد موسمياتي لحاظ کان لچڪدار پاڪستان ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي نظام جي لاءِ تبديل?? جي رست?? جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ خطاب ۾ ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، پاڪستان ڪائونسل ريسرچ واٽر ريسورسز، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت، پاڻي وسيلن واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ يونيسيف ڪيو جنهن ۾ عالمي ۽ مقامي پاڻي ماهرن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي موجوده پاڻي وسيلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ موثر انتظام جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن سان سڀ ک??ن وڌيڪ متاثر ٿيندڙ دنيا جي 10 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش پاڻي جو بحران سڀ کان اهم چئلينجن مان هڪ آه?? جيڪو آبادي ۾ تيزي سان اضافي، شهرن جي ڦهلاءُ، صنعتڪاري، پاڻي وسيلن جي کوٽ، ماحولياتي بگاڙ، موسمياتي تبديلين ۽ غيرمعقول انساني روين جي ڪري وڌي ٿو. هن هيٺئين سطح تي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تحقيق ۽ فني جدت تي زور ڏنو ۽ چيو ته آبادگارن کي پاڻ?? جي تحفظ، برسات جي پاڻي کي زخيرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪميونٽ?? جي شموليت ۽ قانونن جو نفاذ پاڻ?? جي موثر انتظام ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جا آبادگار آبپاش?? جي روايتي طري??ن تي دارومدار ڪن ٿا جنهن سان پاڻي ضايع ٿئي ٿو جڏهن ته دنيا ڊرپ ۽ اسپري آبپاشي ۽ پاڻ?? جي ري سائيڪلنگ تي عمل ڪري ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن آبادگار متبادل فصل جي چونڊ ڪن ته جيڪو پاڻ?? جي استعمال جي حوالي سان گهٽ خرچ ٿئي ته فرق پئجي سگهي ٿو. ان موقعي تي صدر هالينڊ جو حوالو ڏنو جيڪو زميني ڪاٿي ۾ پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر بهتر طريقا استعمال ڪري خوراڪ جي مصنوعات جو ٻيو وڏو برآمد ڪندڙ بڻجي ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روين ۾ تبديلي تي زور ڏيندي چيو ته پاڻ?? جي استعمال جا اهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن جيڪي سستا ۽ فني طور تي بهتر هجن. پاڻ?? جي زيان کان بچڻ جي لاءِ زراعت ۽ شهري علائقن ۾ پاڻ?? جي قيمتن جو تعين ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي ٽيلي ميٽري سسٽم کي بهتر بڻائڻو آهي ۽ پاڻ?? جي منصفاڻي استعمال تي صوبن جي وچ ۾ اعتمادسازي جو نظام تيار ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ سيٽلائيٽ ٽيلي ميٽري سسٽم مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن نشاندهي ڪئي ته واٽر پمپنگ پاڻي ذخيرن جي سطح کي متاثر ڪيو آهي ۽ ان جي کوٽ کان بچڻ جي لاءِ روايتي پاڻي ذخيرن کي ري چارج ڪرڻ جي طريقن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر صنعتي گندڪچري کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ کان بچڻ جي لاءِ پاڻ?? جي نيڪال?? جي موثر نظام جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ??ن واٽر ريسورسز ڊاڪٽر حفضه رشيد، انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ مان ڊاڪٽر بنيود هوماتوف ۽ ڊاڪٽر جوآن ڪارلوس سانچيز راميرز، انٽرنيشنل فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ مان ڊاڪٽر اسٽيفن ڊيوس ۽ آسٽريلين سينٽر فار انٽرنيشنل ايگريڪلچرل ريسچر مان ڊاڪٽر نيل لازارو پڻ خطاب ڪيو.