دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پا??ٽيز (ڪوپ – 28) جي ايڪسپو سٽي ۾ جمعي کان ش??وع ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بي??ن موجب نگران وزيراعظم پهرين ۽ ٻه ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ 2 ڊسمبر تي قومي موقف پيش ڪندو. ڪانفرنس جي موقعي تي نگران وزيراعظم جي مختلف عالمي اڳواڻن س??ن ملاقاتون متوقع آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.