اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻار ڪنهن به قوم جو سڀني کان وڏو قيمتي سرمايو ۽ ان جي مستقبل جي واحد ضمانت آهن، پاڪستان پنهنجي ٻارن بابت پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح واقف آهي ۽ پاڪستان جي آئين ۽ گڏيل قومن جي ٻارن جي ??قن جي ڪنوينشن بابت ٻارن جي جامع ترقي، ڄم جي داخلا، تعليم، صحت، شرڪت، وقار ۽ ??حف?? کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سڀئي ڪوششون ڪري رهيو آهي، سماجي انصاف ۽ برابري ئي اهي بنياد آهن جن تي هڪ صحتمند معاشري جو ڍانچو قائم ڪرڻ گهرجي، ان جي لاءِ اسان کي معاشرتي سطح تي هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي، ڪميونٽيز ۽ خاندانن کي اسان جي قوم جي مستقبل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ٻارن جي عالمي ڏينهن تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ”هر ٻار جي لاءِ هر حق“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان ٻارن جي ??قن ۽ ڀلائي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. پاڪستان گڏيل قومن جي ٻارن جي ??قن جي ڪنوينشن سميت انساني ??قن جي 7 بنيادي ڪنوينشنز تي صحيحون ڪري چڪو آهي. پاڪستان ٻارن جي خريد ۽ وڪري، جسم فروشي، پورنوگرافي ۽ جنگين ۾ ٻارن جي شموليت بابت اختياري پروٽوڪول جي به توثيق ڪري چڪو آهي. گڏيل قومن جي ٻارن جي ??قن جي ڪنوينشن تي صحيحون ڪندڙ طور ٻارن جي ??قن جي ??حف?? ۽ فروغ ۾ پهرين صف ۾ شامل آهي. ??ن چيو ته پاڪستان ۾ ٻار ذهني ۽ جسماني واڌويجهه ۾ گهٽتائي، خوراڪ جي کوٽ ۽ معياري تعليم ۽ صحت جي سهولتن ت??ئي?? عدم پهچ جهڙن ڪيترن ئي چئلينجن جو شڪار آهي، ان کانسواءِ هن ٻارن جي اسمگلنگ، شادي، چ??ئي??ڊ ليبر، جسماني سزا، بدسلوڪي، قانون کان مٿانهون ۽ نقصان ڏيندڙ سماجي روايتن جهڙي ??حف?? جا مختلف چئلينجز به درپيش ??هن. ??ن چيو ته پاڪستان آءِ سي ٽي چ??ئي??ڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2018ع جو وينائل جسٽس سسٽم ايڪٽ 2018ع، زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع ۽ ٻارن جي ملازمت جي ايڪٽ 1991ع ۾ پيشن جي فهرست ۾ ”چ??ئي??ڊ ڊوميسٽڪ ليبر“ کي شامل ڪرڻ سميت مختلف قانون ٺاهيا آهن. اهڙي طرح ٻارن جي ??قن جي ??حف?? جي لاءِ ٻارن جي ??قن تي قومي ڪميشن، آءِ سي ٽي چ??ئي??ڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ، زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايجنسي (زارا) ۽ آءِ سي ٽي چ??ئي??ڊ پروٽيڪشن ايڊوائيزري بورڊ به قائم ڪيا آهن ته جيئن ٻارن کي انهن جي ??قن ۽ ڪارساز ماحول فراهم ڪيو وڃي. صدر چيو ته قومي ۽ عالمي ذميوارين جي ڏس ۾ پاڪستان ٻارن تي سيڙپڪاري جي واضح ويزن رکندڙ آهي. اسان اهو سمجهون ٿا ته سماجي انصاف ۽ برابري ئي اهي بنياد آهن جنهن تي هڪ صحتمند معاشري جو ڍانچو قائم ڪرڻ گهرجي. ان جي لاءِ اسان کي معاشرتي سطح تي هڪ تحريڪ جي ضرورت آهي. ڪميونٽيز ۽ خاندانن کي اسان جي قوم جي مستقبل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان جو مذهب اسلام ٻارن جي ڀلائي ۽ بهتر تعليم ۽ تربيت جي مدد سان انهن جي ڪردارسازي جي لاءِ والدين تي ذميواري لاڳو ڪري ٿو ته حضور ﷺ ٻارن سان محبت ڪندا هئا ۽ انهن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ شفيق ۽ خيال رکندڙ هئا. ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون لاڳاپيل سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، انساني ??قن جي تنظيمن، ميڊيا، گڏيل قومن جي ادارن، ڪميونٽي، والدين، استادن، عالم سڳورن ۽ پاڻ ٻارن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي سڀ گڏ ٿين ۽ ٻارن جي زندگي ۾ بهتري لاءِ قومي ڪوششن ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪن.