برسلز – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ڪائونسل اي يو جي چيئرمين علي رضا ??يد چيو آهي ته عالمي برادري ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ ۾ مظلوم ڪشميرين جي مدد ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس موجب برسلز ۾ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي منعقد هڪ ويبنار کي خطاب ڪندي علي رضا ??يد چيو ته ڀارت گذريل 76 سالن کان ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪيو آهي. هر سال اسان ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهايون ٿا ۽ احتجاج ڪريون ٿا. هن چيو ته 76 سال اڳ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي ??رزمين تي غيرقانوني حملو ڪري قبضو ڪيو هو جيڪو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته ڪجهه طاقتور ملڪ پنهنجي فوجي ??اقت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ عالمي اصولن جي ??لاف ورزي ڪندي ڪمزور قومن تي قبضو ڪن ٿا جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هجڻ گهرجي. علي رضا ??يد چيو ته اسان عالمي برادري ۽ عالمي سول سو??ائٽيز کان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو قبضو ختم ڪرائڻ ج?? لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ ج?? مطالبو ڪريون ٿا.