اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري نگران وفاقي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ا??شي??ئي ملڪن جي تنظيم آسيان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ آسيان کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، آسيان سان مڪمل ڊائيلاگ پارٽنرشپ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري (آءِ ايس ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود، ملائ??شي?? جي هاءِ ڪمشنر محمد اظهر مزلان، انڊون??شي?? جي سفير ايڊم ايم ٽوگيو، ويٽنام جي سفير نگوين ٽين ڦونگ، ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ کانسواءِ آسيان جي ٻين ملڪن جي س??ار??ڪارن، پرڏيهي وزارت جي خرم راٺور، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي بي او ڊي جي چيئرمين سفير خالد محمود، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت شبير ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد شعيب خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) علائقائي رابطن جي لاءِ تمام اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان آسيان جي سمورن ملڪن سان گڏيل فائدي تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان متاثر سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته سارڪ تنظيم کي آسيان جي طرز تي ٺاهيو ويو هو. جيتوڻيڪ ڀارتي رويي سارڪ کي غيرفعال بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان آسيان سان اصولن جي مرڪزيت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازو ئي آسيان ملڪن جي س??ار??ڪارن جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪيو. هن چيو ته امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ضروري آهي. پاڪستان بلاڪ پوليٽڪس کان پري رهڻ چاهي ٿو ۽ هو ملٽي ليٽرلزم تي يقين رکي ٿو. جليل عباس جيلاني چيو ته پرامن ا??شي?? پيسفڪ پاڪستان جي ترجيح آهي ۽ هو آسيان ملڪن سان لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم ڪري رهيو آهي. آسيان ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي پاڪستان ۽ آسيان جي لاڳاپن کي و??ائڻ ۽ مستقبل جي امڪانن جي ڳولا جي موضوع تي ٿيندڙ گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي چائنا پاڪ اسٽڊي سينٽر ڪيو ويو. جنهن ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آسيان جي سفيرن کانسواءِ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، نگران پرڏيهي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آسيان جو عالمي امن ۽ سلامتي ۾ اهم ڪردار آهي. 1967ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کان آسيان جو علائقائي تعاون ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان جي و?? ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کي و??يڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ ملائ??شي?? جي هاءِ ڪمشنر ۽ آسيان ڪميٽي اسلام آباد جي چيئرمين محمد اظهر آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ کي ساراهيندي چيو ته ان سان پاڪستان ۽ آسيان جي و?? ۾ لاڳاپن کي و??ائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان موسمياتي تبديلي ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. تقريب کي انڊون??شي?? جي سفير ايڊم ايم ٽوگيو به خطاب ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسيان کي آءِ ٽي ۽ اقتصادي شعبي ۾ به تعاون وڌائڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن چيو ته آسيان ۽ پاڪستان جي و?? ۾ پراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي و??ائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ آسيان جي و?? ۾ لاڳاپا اقتصادي تعاون ۽ علائقائي استحڪام جي بنياد تي قائم آهن. ڏکڻ ا??شي?? ۽ وچ اوڀر جي و?? ۾ هڪ پل طور تي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ مختلف خطن ۾ واپار ۽ رابطن تي آسيان جي ڌيان جي تڪميل ڪري ٿو. پاڪستان ۽ آسيان جي و?? ۾ گڏيل تعاون مختلف شعبن تائين ڦهليل آهي، جيڪو صنعت، سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سياحت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پنهنجي عزم کي سگهه ٿو. آسيان ۽ پاڪستان جي و?? ۾ حصيداري ا??شي??ئي خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. جاگرافيائي فاصلي جي باوجود آسيان ۽ پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ هڪ مضبوط ۽ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي هٿي وٺرائي رهيو آهي. پاڪستان جي ”ويزن ايسٽ ا??شي??“ پاليسي آسيان ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته آسيان پاڪستان کي پنهنجي ٻاهرئين لاڳاپن ۾ هڪ اهم حصيدار طور اهميت ڏي ٿو. ٻئي ڌريون س??ار??ي لاڳاپن ۾ اضافي، گڏيل منصوبن ۽ عوامي رابطن جي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. عال??ي چئلينجن کي منهن ڏيندي آسيان پاڪستان لاڳاپا علائقائي تعاون ۽ هڪ مستحڪم ۽ خوشحال ا??شي?? جي لاءِ گڏيل امنگن جو ثبوت آهي. افتتاحي تقريب کانپوءِ گول ميز مباحثي ۾ آسيان ملڪن جي س??ار??ڪارن، پاڪستان جي سينيئر عملدارن ۽ ڪاروباري نمائندن به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ مشنز جي سربراهن سان آسيان ڪارنر جي تختيءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي. تقريب جو مقصد آسيان سان پاڪستان جي بدلجندڙ لاڳاپن جو تجزيو ڪرڻ هو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ آسيان ڪارنر قائم ٿيڻ سان آسيان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي حصيداري کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ پاليسي س??ار??ون تيار ڪرڻ ۽ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.