لاهور – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ??هي ته ڇاتيءَ جو ڪينسر قابل علاج مرض آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شروعات کان ئي علاج ممڪن آهي، آگاهي ۽ شعور کي فروغ ڏئي ا?? مرض تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صحتمند عورت خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي، پاڪستان بيت المال ۽ هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي مستحق مري??ن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ان مرض تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ آگاهي مهم تمام ضروري آهي. هوءَ يونيورسٽي آف لاهور ۽ ور??ڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ا??تمام هيٺ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ذهني صحت جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي ڊبليو ??يڇ او جي نمائنده ڊاڪٽر مريم، ريڪٽر يونيورسٽي آف لاهور اويس رئوف، فيڪلٽي ميمبرن سميت ميڊيڪل شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ موجود هو. خاتون اول چيو ??ه ڇاتيءَ جي ڪينسر تي ڳالهه ڪرڻ ڪا شرم جي ڳالهه نه آهي، عورتن کي پاڻ پنهنجي ڇاتيءَ جو معائنو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به غيرمعمولي تبديلي جي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي، عورتون ڪل آبادي جو 52 سيڪڙو آهن انهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ??ه ٽي وي، ريڊيو، ڊرامن ۽ اخبارن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر، ذهني صحت بابت پيغام نشر ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ??ه معذور ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرڻ گهرجي، انهن کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به ڪوٽا سسٽم تحت نوڪريون ڏيڻ گهرجن، ان حوالي سان اسان چيمبر آف ڪامرس لاهور سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پبلڪ جاين تي ا??هن جي لاءِ ريمپس هجڻ گهرجن. بيگم ثمينه علوي چيو ??ه بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ڪنهن به مرض کي ختم ته نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جي روڪٿام احتياط سان ممڪن آهي، اسان 5 سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪئي جنهنجي ڪري اڄ ڪيترين ئي اسپتالن ۾ رپورٽ ٿيندڙ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي اسٽيج پهرين يا ٻي هوندي ا??ي جيڪو قابل علاج آهي. اسٽيج ٿري يا فور تي ڪينسر جي تشخيص وڌيڪ فائديمند ناهي هوندي ڇو ته ان اسٽيجز تي مريض جي زندگي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. خاتون اول چيو ??ه اهو علاج پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مهانگو آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ذهنيءَ صحت جي مري??ن کي ترس کا??ي همدرديءَ نه پر عزت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ??ه هو گذريل چار پنج سالن کان ڊبليو ??يڇ او، سول سوسائٽي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۽ اين جي ا??ز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جا ڏورس نتيجا نڪتا آهن جڏهن ته اسان کي ا?? تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه کيس هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته لاهور يونيورسٽي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ذهنيءَ صحت تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ??ه هن وقت آبادي جي مقابلي ۾ تربيت يافته نفسيات جي ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ درپيش آهي، بريسٽ ڪينسر تي جيتري آگاهي فراهم ڪئي ويندي ا??ترو ئي ا?? مرض تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ??ه ڇاتيءَ جي ڪينسر جي روڪٿام جي لاءِ هر زبان ۾ پيغام ڏيڻ گهرجي. خاتون اول چيو ??ه خصوصي ماڻهن جي لاءِ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ اسڪلز جي بنياد تي نوڪري جي ڪوٽا مخصوص هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ??ه اهڙن ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪرڻ وارين جاين تي دوستاڻو ماحول هجڻ گهرجي ته جيئن اهڙن ماڻهن کي ڪنهن ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي.