لاهور – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته هر شخص کي ملڪي ترقي ??ي لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بيوروڪريسي کي اسلام جي بنيادي اصولن تي عمل ڪندي ملڪ ۽ قوم جي خ??مت ڪرڻي پوندي، ٻين ملڪن تي ڀاڙڻ بدران پاڻڀرائپ ??ي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 118 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن جي گريجوئيشن تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ملڪي ترقي ۾ سرڪاري آفيسرن ۽ اهلڪارن جو ڪردار مثالي هجڻ گهرجي، بهتر نظم ۽ ضبط ۽ بدعنواني جي خ??تمي سان ئي معاشرا ترقي ڪن ٿا. هن چيو ??ه علم سان گڏوگڏ جذبن جي تربيت پڻ تمام ضروري آه??. آفيسرن کي مخاطب ڪندي هن چيو ته انساني زندگي جي اندر ڪجهه فارميٽو سال هوندا آه?? جن مان توهان گذري چڪا آه??و، جڏهن توهان جي تربيت ڪئي وڃي ٿي ته ان ۾ مئنيجمينٽ جي ٽيڪنالاجي جي حوالي سان توهان کي ٻڌايو وڃي ٿو، ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي نئين مئنيجمينٽ ٽيڪنيڪس بابت ٻڌايو وڃي ٿو. هن چيو ته هر ايندڙ حڪومت جو دارومدار سينيئر سرڪاري آفيسرن تي هوندو آه??، ملڪي نظم ۽ ضبط کي هلائڻ ??ي لاءِ توهان جو ڪردار لازم ۽ ملزوم آه??، پاڪستان ۾ سٺي ۽ بري ٻنهي قسم جي ماڻهن جو دارومدار به توهان تي آه??. هن چيو ته توهان کي حڪومت کي صحيح رستي تي هلائڻ ۽ ملڪ مان ڪرپشن جي خ??تمي لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، علم جي معاملي ۾ توهان ۾ انڪساري هجڻ گهرجي، انڪساري جو مطلب اهو نه آه?? ته مون کي علم نه آه?? پر عاجزي اها آه?? ته مون کي سکڻو آه??. هن چيو ته سول سروسز جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا آفيسر گذريا آه?? جن گڊ گورننس ۽ ڪرپشن جي خ??تمي لاءِ جدوجهد ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلام ۾ انساني خيرخواهي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آه??، ان لاءِ مسلمانن تي مستحقين ۾ خيرات ۽ صدقو ڏيڻ فرض ڪيو ويو آه??، هر مذهب ۾ انساني خيرخواهي ئي جو پيغام ملي ٿو، حضور ﷺجي سڄي محنت انسانن ??ي لاءِ هئي، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آه?? ته حضور ﷺ جي سنت تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قرآن مجيد جي پهرين سورت ۾ ئي رياست جي ذميوارين جو تعين ٿي وڃي ٿو، پاڪستان جو جيڪو بنيادي مقصد آه?? اهو قرآن جي اندر موجود آه??، پاڪستان جي روح جو بنياد عوام جي خ??مت ڪرڻ ۾ لڪل آه??. هن چيو ته خدمت جو ڪم آسان نه آه?? ان ??ي لاءِ جذبي جي ضرورت آه??، توهان کي هر ڪيس مان سکڻو آه?? ۽ فيصلو ڪرڻ کان اڳ ٻنهي جو ڪيس ٻڌڻو پوندو ڇو ته توهان وٽ طاقت آه?? ۽ ان جو صحيح استعمال ضروري آه?? جنهن جو زندهه مثال اهو آه?? ته مون پنهنجي 5 سالن ۾ ڪڏهن هڪ به سفارش نه ڪئي ته جيئن سسٽم خراب نه ٿئي. هن چيو ته ڪميونيڪشن هڪ بهترين هنر آه?? جنهن کي توهان ماڻهن وٽ هجڻ گهرجي. تقريب جي آخر ۾ صدر 33 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ 118 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. ان کان اڳ ڊائريڪٽر نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ڊاڪٽر اعجاز منير ڪورس جي مقصدن تي روشني وڌي.