اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد توانائي جي ٽيڪنالاجيز ۾ تيزي سان ترقي جي ڪري قومي معيشتن ۾ معدني وسيلن جي اهيمت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي، عالمي سطح تي چٽاڀيٽي پاليسي فريم ورڪ، مالياتي ۽ ريگيوليٽري نظامن ۽ گهٽ مزدوري جي لاڳت سان گڏجي وڏي ارضياتي صلاحيت پاڪستا?? کي دنيا جي معدني نقشي تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻائي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ منعقد ٿيندڙ پاڪستان منرلز سمٽ ۾ دوست ملڪن جي سفيرن، معدنيات جي شعبي جي ايگزيڪيوٽوز، ??ائ??سدانن، صنعت جي ماهرن ۽ پاليسي ساز?? کي گڏ ڪيو ويو ته جيئن معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ موجود بي پناهه صلاحيتن تي غور ڪري سگهجي ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ سفارشون پيش ڪري سگهجن. اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جي اهتمام يهٺ اها سمٽ منعقد ٿي، اها زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي منعقد سمٽ کانپوءِ ان سلسلي جي ٽ??ين سمٽ هئي. هن چيو ته قابل تجديد توانائي جي ٽيڪنالاجيز ۾ تيزي سان ترقي جي ڪري قومي معيشتن ۾ معدني وسيلن جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. سمٽ ن??ين هدفن وارن علائقن جي تعين، ڳولا جي حڪمت عملي?? کي بهتر بڻائڻ ۽ معدنيات کي ڪڍڻ جي لاءِ ن??ين طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ، مٽيءَ، عمارتي پٿر، صنعتي معدنيات، ڪوئلي کان وٺي ڌاتي معدنيات ۽ قيمتي جواهرات تا??ين جي معدني وسيلن جي حوالي سان مشهور آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي چٽاڀيٽي پاليسي فريم ورڪ، مالياتي ۽ ريگيوليٽري نظامن ۽ گهٽ مزدوري جي لاڳت سان گڏجي وڏي ارضياتي صلاحيت پاڪستا?? کي دنيا جي معدني نقشي تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻائي ڇڏيو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان جي معدني دولت قومي جي ڊي پي ۾ موجوده هڪ سيڪڙو کان وڌي 5 سيڪڙو تا??ين پهچي ويندي.