اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تي??نس سان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تي??نس جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير جاويد احمد عمراڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان تي??نس سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مختلف معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. صد?? چيو ته نامزد سفير تعليم، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تي??نس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب هم آهنگي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ اسل??مو فوبيا جهڙن عالمي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي لاءِ او آءِ سي بابت تي??نس جي ويزن کي ساراهيندي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ ”مذهبي نفرت جي خاتمي“ تي پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد تي تي??نس جي حمايت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته نامزد سفير مخت??ف فورمز تي اسل??مو فوبيا، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪري. صد?? چيو ته ڀارت انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪ??ي رهيو آهي ۽ هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪ??ي رهيو آهي، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدر قيس سعيد جي قيادت ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تي??نس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.