اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صد?? مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته جيتوڻيڪ اوهان تاريخ جا باب کي ٻيهر نٿا ??کي سگهو پر رواداري، اتحاد ۽ عظمت جا نوان باب ضرور ??کي سگهو ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صد?? مملڪت پاڪستانين ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد مبارڪ ڏي??دي پاڪستاني عوام تي زور ڀريو آهي، ته هو پنجين وڏي ملڪ جي حيثيت سان جدوجهد ڪن ۽ دنيا ۾ پنهنجي حقيقي ڪردار ادا ڪن. صد?? مملڪت چيو ته مان 30 سالن کان پوءِ پنهنجو ٻيو حج مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته مان بنيادي طور تي پياري پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ دعاڳو آهيان. مان الله پاڪ کان دعا ڪيان ٿو ته هو اسان کي مصيبتن مان ڪڍڻ جو رستو فراهم ڪري، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل اسان حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. هو اسان کي عطا ڪري. الله پاڪ غفور رحيم منهنجي دعا ۽ التجا قبول فرمائي. جهڙي طرح رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن سڀني کي معاف ڪيو، ايستائين جو پنهنجي سڀ کان وڏن دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيو، اسان کي پڻ گهرجي ته اسان ان تي عمل ڪيون. ۽ ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. مون به ايئن ئي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. صد?? عارف علوي چيو ته منهنجي سڀني کي گذارش آهي ته هو ڪنهن به اهڙي عمل لاءِ مون کي معاف ڪن جنهن سان ڪنهن کي تڪليف پهتي ه??ي ۽ ڄاڻي واڻي يا اڻڄائي ۾ مون کان ڪا غلطي ٿي وئي ه??ي.