مني -26 جون(اي پي پي) مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير طلحه محمود حج انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ منى پهچي ويو. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير طلحه محمود منى جي خيمي ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي اختيارين سان ملاقات ڪئي. مذهبي معاملن واري وزارت جي اختيارين حج مشن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير چي?? ته حاجي سڳورن کي سهولتو?? فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. سمورن ح??جي?? کي خيمن ۾ پهچائڻ بعد وزارت جا عملدار خيمن ۾ ويندا.