اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي منافعي ۾ 879 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو ?? اهو هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران وڌي 23956 ملين روپيا رهيو. ناڻي وزارت جي ڊويزن طرفان جاري اقتصادي س??وي موجب هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي منافعي ۾ 879 سيڪڙو جو اض??فو ٿيو آهي ?? اهو هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران وڌي 23956 ملين روپين تي پهچي ويو آهي جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 2446 ملين روپيا هو. اقتصادي س??وي موجب پورٽ قاسم امپو??ٽ تي ڪارگو ۾ 27 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ?? اها گذريل مالي سال جي 35.78 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ گهٽجي 26.15 ملين ٽن رهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن جولاءِ کان مارچ دوران روانگي واپار جي ڪارگو ۾ 15 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ?? اها مالي سال 2022ع جي انهي عرصي دوران 6.37 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ گهٽجي 5.39 ملين ٽن تي اچي وئي، ڪراچي پو??ٽ تي ڪارگو ۽ ڪنٽينرز جي سرگرمين ۾ به 20 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏٺي وئي ?? اها جولاءِ کان مارچ مالي سال 2023ع دوران 31791 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي ان عرصي دوران 37.71 ملين رڪارڊ ٿي.