بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي عراق جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ??اڪ??تان ۽ عراق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ملڪن ثقافي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان کان اڳ عراقي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??اڪ??تان ۽ عراق جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻن??ي پرڏيهي وزيرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻن??ي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۽ عراق جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي.