اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ يورپي يونين ??ي سفير رينا ڪيونڪا پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين ??ي وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين ??ي سفير ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين ??ي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظ??ار ڪندي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي ايس پي پلس سميت اقتصادي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻنهي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو رهندو.