اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف استاد، ڊراما نگار، مزاح نگار، دانشور، شاعر ۽ فيض احمد فيض جي ناٺيءَ شعيب هاشمي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪي?? ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م منيزه هاشمي، سليمه هاشمي ۽ ٻين گهرڀاتين سان شعيب هاشمي جي لاڏاڻي تي همدرديءَ جو اظهار ڪي?? ??هي. وزيراعظم چيو ته شعيب هاشمي پي ٽي وي جي سنهري دور ۾ ڪردار ادا ڪي??. هن طنز ۽ مزاح جي پروگرام ۾ نئين جدت متعارف ڪرائي. شعيب هاشمي يادگار ۽ ناقابل فراموش ڊراما لکيا. وزيراعظم چيو ته ان جي قلم سان روشن قدرن، روايتن ۽ نظرين کي فروغ مليو. هن جهڙو قلم نگار ۽ دانشور معاشري کي تهذيب، سليقو ۽ ادب سي??اريو. ان جو لاڏاڻو معاشري، فن ۽ ادب جو وڏو نقصان ??هي. وزيراعظم الله تعاليٰ کان مرحوم ??ي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ??ي دعا ڪئي.