اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني کي بيواهه کي 3 لک جو انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني بيواهه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ لائيف موقف اختيار ڪي?? ته فوتي جي موت رستي حادثي سان سڌوسنئون نه پر مرگهي جي ڪري ٿي. صدر اسٽيٽ لائيف جو موقف رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي محتسب جا حڪم برقرار رکندي چي?? ته اسٽيٽ لائيف مناسب قاعدا ضا??طا اختيار ڪئي ۽ بدانتظامي کي روڪي. صدر چي?? ته ڪو ثبوت پيش نه ڪي?? وي?? ته فوتي جو موت مرگهي سان سڌوسنئون ٿيو، محتسب بجا طور تي فيصلو ڪي?? ته رڳو پوليس روزنامچي تي دارومدار ڪي?? ويو. صدر چي?? ته اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسر جي رپور?? ۾ ??وتي پاليسي هولڊر کي صحتمند قرار ڏنو ويو، رپور?? ۾ ??اضح طور تي لکيو ويو آهي ته آفيسر فوتي پاليسي هولڊر کي گذريل ٻن سالن کان سڃاڻيندو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته جيئن ته بدانتظامي ثابت ٿي ان لاءِ اسٽيٽ لائيف 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادا ڪري. واضح رهي ته ريحانه بي بي (شڪايت ڪندڙ) جي فوتي مڙس اڪرم مسيح 20 سالن جي لاءِ 3 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسي حاصل ڪئي، اڪرم مسيح جو موت رستي حادثي ۾ ٿيو، موت کانپوءِ زال انشورنس جي دعويٰ ڪئي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪي?? جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪي??. اسٽيٽ لائيف محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جڏهن ته صدر حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي.