اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رمضان المبارڪ ۾ معاشري جي ڪم??ور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذ??و پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪم??ور طبقن جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. رمضان المبارڪ 1444هه شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته رمضان المبارڪ جي بارڪت مهيني جي شروعات تي پوري پ??ڪس??اني قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. الله تعاليٰ جي رحمت ۽ مهرباني سان اسان هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان المبارڪ جي باسعادت گهڙين مان فائدو کڻي رهيا آهيون. اهي مبارڪ لمحا ??تي هڪ مسلمان جي لاءِ روحاني ۽ اخلاقي ترقي جو سامان پيدا ڪن ٿا اتي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام کڻي پڻ اچن ٿا. هي مهينو مسلمانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ترقي ۽ اصلاح جو ماح??ل پيدا ڪري پنهنجي زندگين کي نئين سر بهتر انداز ۾ شروع ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. صدر چيو ته الله تعاليٰ اسان تي روزا اهڙي طرح ئي فرض ڪيا آهن جهڙي طرح اسان کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ۽ ان جو مقصد انسان کي متقي بڻائڻ آهي. روزي جي ذريعي ماڻهو جي اندر صبر ۽ استقامت جي قوت پيدا ٿئي ٿي. رمضان المبارڪ انسان جي اندر استقلال ۽ استقامت جي طاقت پيدا ڪرڻ، عبادت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن موجب هڪ محتاط انداز ۾ زندگي گذارڻ جي تربيت جو موقعو فراهم ڪري ٿو. جيئن ان مشق جي ذريعي پوري زندگي کي نظم ۽ ضبط ۽ الله جي حڪمن جو پابند بڻائڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته ملڪ پ??ڪس??ان هن وقت سخت ترين معاشي پريشاني ۾ ورتل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پنهنجي اندر معاشري جي ڪم??ور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جو احساس پيدا ڪريون. هي طبقو سڄو سال سنگين معاشي حالتن ۾ تڪليف، آزمائش ۽ امتحان مان گذري ٿو. اسان کي پنهنجي سگهه مان وڌي ان رمضان ۾ خاص طور تي ۽ پورو سال بالعموم ان طبقي جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. يقينن ان نيڪ عمل جي ذريعي اسان رمضان جي مقصدن ۽ ان جو ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي رمضان المبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن سان فيضياب ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پ??ڪس??ان کي وڌيڪ ترقي عطا فرمائي.