اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر م??يم نواز اڄ جمعي ڏينهن فيصل آباد ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪ??دي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته مريم نواز اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي فيصل آباد پهچي رهي ??هي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪ??دي. مسلم ليگ (ن) پنجاب جو صدر راڻا ثن??ءُ الله خان پڻ ساڻس گڏ هوندو. سڀاڻي 11 مارچ تي فيصل آباد ۾ پارٽي جو تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ?? يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪ??دي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين فيبروري کان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، سرگوڌا، ساهيوال ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.