اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هل??دڙ سال گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نيشنل ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ٿر – مٽياري ٽرانسميشن لائين منصوبي کي وقت سر مڪمل نه ڪرڻ جي مرتڪب آفيسرن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، سرڪاري عمارتن کي سولر تي منتقل ڪرڻجي منصوبي جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هل??دڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي فراهمي ۽ پاور سيڪٽر جي مختلف منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي هل??دڙ سال گرمي جي موسم ۾ بجلي جي متوقع طلب ۽ فراهمي ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي حڪومت جي 10 هزار مي??اواٽ سولرائيزيشن منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس ??ي ٻڌا??و ويو ته حڪومت سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻا??و ويندو، مقامي سطح تي سولر پينلز جي تياري بابت تجويز ڪيل پاليسي ايندڙ هفتي ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيئ ويندي، اهڙي طرح اليڪٽرڪ بائيڪس جي مقامي سطح تي تياري جي حوايل سان پاليسي پڻ حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. اجلاس کي گئس جي بچت جي حوالي سان وزيراعظم جي حڪمن جي روشني ۾ گيز??ز ۾ ڪونيڪل بيفلز هڻڻ جي عمل بابت آگاهه ڪندي ٻڌا??و ويو ته اهو منصوبو مقرر هدف کان هڪ مهينو اڳ ئي مڪمل ڪ??و ويو آهي. اجلاس کي بجلي جي وڌيڪ کپت وارن پنکن ۽ بلب جي حوالي سان ٻڌا??و ويو ته سڄي ملڪ ۾ ڪارخانن ۾ انهن جي تياري هل??دڙ سال 30 جون کانپوءِ مڪمل طور تي بند ڪئي ويندي، ان حوالي سان لاڳاپيل صنعتن کي آگاهه ڪ??و ويو آهي. اجلاس کي ڪابينا جي 3 جنوري 2023ع جي بجلي بچت پلان تي عملدرآمد کان پڻ آگاهه ڪ??و ويو. وزيراعظم سمورن صوبن کي انهن قدمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪندڙ عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي جي بچت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نه رڳو مي??يا جي ذريعي هڪ منظم آگاهي مهم هلائي وڃي پر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليمي نصاب ۾ ان حوالي سان مواد شامل ڪ??و وڃي. اجلاس کي زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس ??ي ٻڌا??و ويو ته ان حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ تازو ئي قومي سطح تي آگاهي سيمينار پڻ منعقد ڪ??و ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، خرم دستگير، مريم اورنگزيب، چوڌري سالڪ حسين، سيد مرتضيٰ محمود، احسان الرحمان مزاري، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محمد هاشم نوتيزئي، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.