اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزي??اع??م کي قطر جي امير جو نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف تاريخ جي ڪامياب ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر کي مبارڪباد ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ج?? اهم ڪ??دا?? کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م انهن لاڳاپن کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ ج?? اهميت تي زور ڏنو. وزي??اع??م ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ افرادي قوت ج?? اهميت کي اجاگر ڪيو. قطر نار خطي ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۽ قطر جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.