اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪ??ئيٽا جي ڀر واري علائقي بليلي ۾ پوليو مهم دوران ڊيوٽي تي موجود پوليس جي گاڏي تي ده??تگ??د حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته س??اج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ ٻار ۽ پوليس اهلڪار جي مارجڻ تي افس??س جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ٻار سدائين قيمتي قومي اثاثو ۽ مستقبل آهن، پاڪستان جي ٻارن کي پوليو جهڙي بيماري کان محفوظ رکڻ جي ??اء?? پرعزم آهيون. صدر ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. صدر چيو ته س??اج دشمن عنصرن کي پوليو جي مڪمل خاتمي جي مشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏينداسين. هن پوليو جي خاتمي ??اء?? هيلٿ ورڪرز ۽ پوليس جي ڪ??ششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابي ??اء?? دعا ڪئي ۽ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ??اء?? دعا ڪئي.