اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي وزيرآباد ۾ حملي ۾ شهي?? ٿيندڙ معظم شهزاد گوندل جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يا?? موجب صدر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر حملي آور کي پڪڙيندڙ ابتسام حسن سان پڻ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي ابتسام حسن کي شاباس ڏني ۽ ان جا ٿورا به مڃيا.