اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ذيلي چونڊن جا نتيجا اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جي جانبداري ??ي خلاف فارن فنڊيڊ فتني جي بيانيي جو موت آهن، عمران خان پارليامينٽ ۾ پنهنجون ٻه سيٽون گهٽ ٿيڻ تي جشن ملهائڻ جو ڍونگ ڪري رهيو آهي، عمران خان وٽ پارليامينٽ ۾ 172 جو ميجڪ نمبر موجود نه آهي، پي ٽي آءِ جي 8 مان 2 وڌيڪ سيٽون هارائي عمران خان پارليامينٽ ۽ حڪ??مت کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي، روڊن تي يلغار ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪري حڪ??مت نه ٿي ڪيرائي سگهجي، حڪ??مت تبديل ڪرڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جي اڪثريت ثابت ڪرڻي پو??دي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته 6 سيٽون کٽڻ تي عمران خان کي اسلام آباد تي يلغار جو لائيسنس نه ٿو ملي سگهي، عمران خان 8 سيٽن تي چونڊون وڙهي پي ٽي آءِ جون 8 سيٽون گهٽ ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته حڪ??مت جي تبديلي جو طريقو اسلام آباد تي جٿن ذريعي يلغار ڪرڻ نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ايبسليوٽلي فراڊ ڪيو اڄ به پريس ڪانفرنس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان اس??عيفيٰ گهرندو؟ فارن ايجنٽ ڇا اڄ به نيوٽرلز ??ي خلاف تقرير ڪندو؟ توشه خانه جو چور ڇا اڄ به مسٽر ايڪس ۽ مسٽر وائي جو نالو وٺندو؟ فارن فنڊيڊ ڇا اڄ به اليڪشن ڪمشنر کي گاريون، ڌمڪيون ۽ الزامن جو نشانو بڻائيندو؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ ون مين پارٽي بڻجي چڪي آهي، جنهن وٽ ڪو اميدوار نه آهي.