ثمرق??د ?? 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ريل، رستي ۽ بندرگاهن ذريعي علائقائي رابطي جي فروغ سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستا?? ۽ ??زبڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستا?? ۽ ??زبڪستان جي لاڳاپ?? ۽ ??لائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ تي ازبڪ صدر جا ٿورا مڃيا. هن موسمياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ جي ڪري انساني جانين جي زيان ۽ فصل، چوپائي مال، گهر?? ۽ ??هم انفراسٽرڪچر کي پهچندڙ نقصان بابت کيس آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن جي خصوصي حوالي سان ٻطرفي تعاو?? ۽ ??يل، رستي ۽ بندرگاهن ذريعي علائقائي رابطي جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري لنگهه جي معاهدي ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي مڪمل طور تي فعال ڪري سياسي لاڳاپن، تيز رفتار واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ويجهي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاو?? ۽ ??عليم، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چي?? ته آزاداڻي ويزا نظام سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿيندي. وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ افغانستان، پاڪستا?? ۽ ??زبڪستان جي فني ٽيمن پاران افغانستان جي اندر منصوبي تي ڪم جي ڪامياب پڄاڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن ذريعي وچ ايشيائي ملڪ دنيا جي ٻين ملڪن سان موثر طريقي سان واپاري طور تي ڳنڍجي ويندا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستا?? ۽ ??زبڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ خصوصي تجويزون ۽ منصوبا تيار ڪرڻ جي لاءِ بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر شوڪت مرزيوف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جڏهن ته ازبڪ صدر پڻ وزيراعظم کي جلد کان جلد ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.