اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? جي ڏکڻ اولهندي صوبي سيچوان ۾ زلزلي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي چيني قيادت سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام چي?? جي حڪومت ۽ عوام سان ??ڏ بيٺل آهي. چين تازي ٻوڏ سميت هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چي?? جي صوبي سيچوان ۾ تباهي آڻيندڙ ??لزلي جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو، زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ملڪيتون تباهه ٿيون، پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران چيني قيادت سان دلي تعزيت ۽ سيچوا?? جي عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ ??مورن چيني خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر سمورن زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گم ٿيل ماڻهو جلد کان جلد پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي ويندا. صدر اها به اميد ظاهر ڪئي ته زلزلي سٽيل علائقن جا ماڻهو جلد پنهنجا گهر ٻيهر تعمير ڪري معمول جي زندگي شروع ڪري ڇڏيندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کيس پورو يقين آهي ته چيني قيادت ۽ عوام پنهنجي ثابت ٿيل صلاحيت?? ۽ ??ستقلال سان ان قد??تي آفت سان پيدا ٿيندڙ ??ورتحال کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام ۽ پاڪستان حڪومت چيني عوام ۽ چي?? جي حڪومت سان ??ڏ بيٺل آهي، چيني عوام به پاڪستاني ٻوڏ جي متاثرين سان ??ڏ بيٺي، ماضي ۾ به چيني عوام ۽ حڪومت قد??تي ۽ ٻين آفتن دوران اسان سان ??ڏ بيٺل رهيا.