اسلام آباد – 05 8211; سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني امداد جي پهرين اڏام سومر جي صبح جناح انٽرنيشنل اي??رپورٽ ڪراچي تي لٿي جنهن ۾ دوائون ۽ ط??ي اوزارن سميت انتهائي ضروري امدادي سامان شامل هو. پرڏيهي آفيس موجب امدادي اڏام جو استقبال پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير، سنڌ جي وڏي وزير جي ريليف ۽ بحالي واري صلاحڪار رسول بخش چ??نڊيو، ناڻي واري وزارت، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ڪيو. پاڪستان ترڪمانستان پاران ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امداد جي آجيان ڪندي ترڪمانستان جا ٿورا مڃيا.