اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شري?? چيو آهي ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه سان تعلق رکندڙ ڪمپني ليماڪ جي وفد سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي تازي دوري دوران سندس ترڪيه جي واپارين سان ملاقاتون تمام گهڻيون ڪامياب رهيون ۽ اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته ترڪيه جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تازو ئي پريفيرينشل ٽريڊ ايگريمينٽ تي صحيحون ٿيون آهن جنهن سان ??ڊز، سروسز ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان نيون راهون کليون آهن، ان معاهدي کانپوءِ پاڪستان ترڪيه گڏيل واپار جو ڪاٿو وڌي ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ اسان جي حڪومت سمورن پراجيڪٽس جي وقت سر پڄاڻي تي يقيني رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻاي?? وڃي ٿو ته منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻاي?? وڃي. ليماڪ جي وفد پاڪستان ۾ پن بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، انجنيئر خرم دستگير خان، پاڪستان ۾ ترڪيه جي س??ير ۽ اعليٰ سرڪاري آ??يس??ن پڻ شرڪت ڪئي.