اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي هدايت تي وفاقي حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم ايز) جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ري??يف جي ڪم کي موثر انداز سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزير??عظ?? شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، صلاحڪار، پارليامينٽ ميمبرن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، سينيئر حڪومتي ميمبرن، اين ڊي ايم اي چيئرمي ۽ ڊي جي موسميات کاتي شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? جي هدايت تي وفاقي حڪومت برسات ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي هڻي ڇڏي جڏهن ته وزير??عظ?? ناڻي و??ري وزارت کي فوري طور تي 5 ارب رپيا اين ڊي ايم اي کي ج??ري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? چيو ته ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ري??يف ۽ بحالي هڪ قومي فرض آهي، اسان کي پنهنجي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي عوام جي مدد ڪرڻي آهي. هن چيو ته اسان سياست بعد ۾ ڪنداسين، هينئر انهن ماڻهن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ جو وقت آهي جيڪي سخت مشڪل ۾ آهن، ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دورن دوران مون اتحاد ۽ قومي ٻڌي جي ڳالهه ڪئي ته جيئن اسان سڀ گڏجي ان تمام وڏي چئلينج کي منهن ڏئي سگهون. وزير??عظ?? اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز جي وچ ۾ ريسڪيو ۽ ري??يف جي ڪم کي موثر انداز سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. اها ڪميٽي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ و??ري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات و??ري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، هائوسنگ اينڊ ورڪس و??ري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، پارلياماني معاملن و??ري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن و??ري وزير??عظ?? جي صلاحڪار قمر زمان ڪا??ره?? اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ مواصلات و??ري وزارت جي سيڪريٽري تي ٻڌل هوندي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته ڪميٽي فوري طور تي پنهنجو اجلاس منعقد ڪري ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ڪوآرڊينيشن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪري. هن چيو ته ملڪ ۾ موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾، وچولي مدي کان ڊگهي مدي و??ري حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون مستنند معلومات تي ٻڌل رپورٽون وفاقي حڪومت کي موڪلين ته جيئن ٻوڏ ۽ ٻرساتن سبب ٿيندڙ نقصانن جو جلد کان جلد ڪاٿو لڳائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن کي موسمياتي تبديلي جي ترجيحن موجب آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي نقصانن کان بچي سگهجي. وفاقي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽين ٻوڏ سٽيل علائقن جي دورن کانپوءِ اجلاس کي بريفنگ، ريسڪيو ۽ ري??يف جي حوالي سان مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وزير??عظ?? کي ملڪ ۾ ج??ري ريسڪيو ۽ ري??يف آپريشنز بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.