اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين عمران ن??ازي ديانتداري، شفافيت ۽ احتساب جي نالي تي عوام کي گمراهه ڪندو رهيو، فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي سندس اهو ڀانڊو ڦوڙي ڇڏيو، اتحادي حڪومت ان کي منطقي انجام تائي پهچائيندي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته عمران ن??ازي جي اصل حقيقت ڇا آهي، اصل ۾ هو هڪ مڪار ماڻهو آهي. هن چيو ته 8 سالن کان عمران ن??ازي ان ڪيس جي فيصلي ۾ دير جي لاءِ سمورا حربا اختيار ڪيا، ان سلسلي ۾ هن 9 پٽيشنز هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون، جڏهن 50 ڀيرا التوا گهريو ويو. هن چيو ته عمران ن??ازي پن??نجي رضامندي سان ڄاڻي واڻي غلط حلفيه بيان جمع ڪرايو. هن چيو ته اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پي ٽي آءِ بنا ڪنهن شڪ جي غيرملڪي ??نڊڊ پارٽي آهي.