اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير عبدالهيان جي دعوت تي اڄ اڱاري ڏينهن ايران جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جا??ي بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري د??را?? پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو، هو ايران جي صدر سان ملاقات کانسواءِ ملڪ جي ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير 15 جون تي مشهد جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ ايران وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين د??را?? ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جا??زو وٺندا جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطي ۽ زائرين جون سهو??تو?? شامل آهن، ٻئي ملڪ ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو به جا??زو وٺندا جنهن ۾ خاص طور تي ??فغ??نستان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي جي باقاعدي مٽ??سٽا جو حصو آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ آخري ملاقات 26 مئي تي ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس جي موقعي تي ٿي هئي، پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن، هي ڀائراڻا لاڳاپا سراسري اعليٰ سطحي مٽ??سٽا جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.