اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول (NASFF – 21) جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ ڪامياب نو??وا??ن جي مان ۾ مانجهاندي واري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب جو مقصد نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي اسڪالرشپس کٽيندڙ نو??وا??ن کي عالمي شهرت يافته فلم انسٽيٽيوٽ نيويارڪ فلم اڪيڊمي، آسٽريليا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ڪاميابي کي ملهائڻ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ڊائريڪٽر جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) عمرانه وزير، ايڊيشنل سيڪريٽري مبشر توقير، ڊائريڪٽر (ڊي اي ايم پي) آصف الرحمان، آءِ ايس پي آر جي آفيسرن برگيڊ??ئر عمران نقوي ۽ ميجر احمد بٽ پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول اسڪالرشپس حاصل ڪندڙن حمزه بن افتخار، عقيده چشتي، روح الله ڪشفي، شاهه زيب علي، ثقلين عباس، حذيفه احمد، مريم نقوي، وشال ڪدواني، عرفان نور بخش ۽ حارث لطيف موجود هئا. ان موقعي تي ايفنيٽي مان صبا چوهاڻ، ميثم رضا ۽ محمد ياسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽري نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ نو??وا??ن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي نو??وا??ن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول نو??وا??ن کي ميڊيا سائنسز ۽ فلم سازي جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فا??م فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول پليٽ فا??م پاڪستان جي نو??وا??ن جي لاءِ ان شعبي ۾ پنهنجو ڪير??ئر بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. هن نو??وا??ن تي زور ڏنو ته اهي تحقيقي صلاحيتن ۽ مهارتن جي اظهار لاءِ اهڙن ايونٽس ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن.