اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد آرٽ گئلري ايف نائين جو دورو ڪيو. هن آرٽ گئلري ۾ امجد شاهه آفريدي جي فن پارن ۽ تصويرن جي نمائش ڏٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان ??ار?? بيان موجب صدر کي اسلام آباد آرٽ گئلري جي چيف ڪيوريٽر جمال شاهه، امجد شاهه آفريدي جي فوٽو گرافي ۽ فن پارن جي باري ۾ بريف??گ به ڏني. صدر اسلام آباد آ??ٽر گئلري ۾ موجود فن پارن کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ اهڙين وڌيڪ آرٽ گئلرين جي ضرورت آهي، امجد شاهه آفريدي حڪومت جو هڪ ايماندار بيوروڪريٽ هو. هن چيو ته امجد شاهه آفريدي جا فن پارا زنده فن جو نمونو آهن، ان جي فن پارن جي نمائش ٻين ماڳن تي به ٿيڻ گهرجي.