اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته اسپيڪر جي رولنگ عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، شفقت محمود چيو ته عد?? اعتماد تي ووٽنگ نه ٿيڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي معاملي تي ڪيس ??دالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪا رولنگ اسپيڪر ڏني اها عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪستان جي خلاف تمام وڏي سازش ٿي آهي، شفقت محمود چيو ته تعليم واري وزارت مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٿوري پريشاني هئي پر ان کي به ختم ڪيو ويو، مدرسن ۽ اسڪولن جا ٻار هڪ ئي فيلڊ ۾ اچي رهيا آهن، تعليمي ??دارن جي ٻارن کي چوندس ته هو پڙهائي تي ڌيان ڏين.