اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊيج??ٽل??ئيزيشن جي منصوبي کي جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي. هو پارليامينٽ کي سائبر صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي پاران منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏ??ي وئي. صدر منصوبي تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو. هن منصوبي کي مقرر مدي موجب جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ ت?? زور ڏنو ۽ چيو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ??اڳ??پيل ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پارليامينٽ جي ڊيج??ٽل??ئيزيشن جي منصوبي سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي.