اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ت?? ملڪ جي آزادي جو 75 هون سال آهي، هن سال سمورا ادارا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي شروعات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي، جنهن ۾ سڀني اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپي ملڪن جا اهم پرڏيهي وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪندا. پا??ستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ انهن لمحن کي يادگار بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي ”لوگو“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال سمورا ادارا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي شروعات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي ۽ 14 آگسٽ تي به اهم تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پا??ستان جي ڏهاڙي 23 مارچ جي پريڊ خصوصي پريڊ هوندي جنهن ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپي ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ اهم نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان پنهنجي تاريخ جي سمورين شاندار ڪهاڻين کي سامهون آڻيون. هن چيو ته پا??ستان جي آزادي جو 75 هون سال آهي، اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جو چارٽ جوڙيو وڃي جنهن ۾ اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت جي سمورن شعبن ۽ سمورين وزارتن ۽ کاتن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ٺوس پروگرام جوڙيا آهن جن جي شروعات 23 مارچ کان ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ٽيلي ويزن ۽ ٻين چئنلز ۽ سڀئي ادارن پنهنجا زبردست پروگرام ترتيب ڏنا آهن ۽ هن سال اسان 23 مارچ کي ان انداز ۾ ملهائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن جو تاريخ ۾ ??ثا?? نه ٿو ملي. هن چيو ته پا??ستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي جيڪا شاندار ڪهاڻي آهي ان کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڀلي اها اسان جي شاعري جي ڪهاڻي آهي، فوج جي جرئت ۽ دليري جي ڪهاڻي آهي، چاهي اسان جي پوليس جا نمايان ڪارناما هجن ۽ اسان جي قوم جي ٻين روشن ستارن جي ڪهاڻي هجي، اسان انهن سڀني ڪهاڻين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن اسان اهو ڏيکاري سگهون ته 75 سالن ۾ پا??ستان ڪٿي هو ۽ ڪٿي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته اهو سفر شاندار هوندو، پا??ستان جي اها تقريب مستقبل جو پيش خيمو هوندي ۽ اسان ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين.