ملتان – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ان کي ??طي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آه?? ۽ ??تي رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي، سيالڪوٽ سانحي جي مذمت ڪريون ٿا، عالم ۽ سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ طبقا به ان واقعي جي نه رڳو مذمت ڪن پر لاتعلقي جو اظهار ڪن، هڪ طبقو پاڪستان کي ??دنام ڪر?? جي ڪوششن ۾ لڳل رهندو آهي، اهو پنهنجي ناپا?? ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، آستانن مان سدائين محبت، رواداري، اخوت ۽ امن جو درس مليو آهي، عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي ??راج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن عالم سهروردي ملتاني جي 708 هين سالياني عرس جي تقريب جي موقعي تي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي ??وش آمديد چوان ٿو ۽ انهن جي اوليا الله سان عقيدت کي ??راج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ان پُروقار محفل ۾ سانحي سيالڪوٽ تي پنهنجو ۽ حڪومت پاڪستان جو موقف واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قرار واقعي سزا ملندي، اسان جو عدل جو نظام انهن ماڻهن کي ??خت سزا ڏيندو.هن چيو ته ڪو به واقعو پاڪستان ۾ ٿيندو آهي ته هڪ مخصوص طبقو پاڪستان کي ??دنام ڪر?? جي ڪوشش ڪندو آه?? ۽ ??و دنيا جي سامهون ابتڙ واقعا پيش ڪندو آهي اسان کي ??نهن کان محتاط رهڻو پوندو ۽ اهو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته مون برسلز ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪندي چيو ته اهڙا واقعن جو نه ته اسلام ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي ۽ سمورا مڪتب فڪر جي علماءِ مشائخ ۽ عام شهرين سيالڪوٽ واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي ڇو ته ڪو به معاشرو ۽ مذهب اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏي.