اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ عدنان جي بهادري ۽ اخلاقي جرئت ??ي سلام پيش ڪريون ٿا، جنهن پنهنجي جان خطري ۾ وجهي پريانٿا کي جنوني جٿي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پوري قوم پاران ملڪ عدنان جي بهادري ۽ اخلاقي جرئت ??ي سلام پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن سيالڪوٽ ۾ پنهنجي جان خطري ۾ وجهي پريانٿا ديا وادنا کي پناهه ڏيڻ ۽ پاڻ کي ڍال ب??ائي کيس جنوني جٿي کان بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. اسان کيس تمغه شجاعت سان نوازيندا??ين.