اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت سازگار ڪاروباري پاليسين جي ذريعي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي جتي ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروبارن کي تحفظ حاصل آهي، اڳوڻي دور ۾ ڊي انڊسٽرل??ئي??يشن ٿي رهي هئي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ ۾ ڊي انڊسٽرل??ئي??يشن روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا، اسان جو يقين آهي ته صنعتون ترقي ڪنديون ته ملڪ اڳتي وڌندو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن تحت حڪومت ملڪ ۾ صنعتي انقلاب جي لاءِ نمايان قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم قوم کي خ??اب ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ دنيا کي درپيش معاشي صورتحال جو تفصيل سان ذڪر ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر پرينيور آرگن??ئي??يشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ملڪي معاشي ترقي ۾ ڪاروباري ادارن جو اهم ڪردار آهي، ڪاروباري ادارا ??ڏي انگ ۾ نوڪريون مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ نمايان حصو وٺن ٿا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ صنعتي سرگرمين جي فروغ تي ڀرپور ڌيان ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري وڌي آهي، ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي منافعي ۾ پڻ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ انقلابي قدمن جي ڪري ماڻهن جي آمدني ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي کان زرعي شعبي ۾ منتقل ٿيا، اڄ اسان جو آبادگار خوشحال آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ صنعتي ۽ زرعي سرگرمين ۾ اضافي جي ڪري گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن جي وڪري ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اسان پگهاردار طبقي کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيون، حڪومت ان ڏس ۾ قدم کني رهي اهي، منافعي بخش ڪمپنين کي به پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي انٽر پرينيور آرگن??ئي??يشن جي وفد حڪومت پاران صنعتن ۽ ڪاروبارن جي ترقي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وفد ۾ عاق چوڌري (رائس ورلڊ)، طارق محمد (اوٽو پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ)، اشعر خان (ڪوم ٽيل، عمران غفور (ستاره پيروڪسائيڊ لميٽيڊ)، جاويد مصدق (اربن سول)، خرم گلزار (ويليو اسٽاڪ اينڊ ڪموڊيٽيز پرائيويٽ لميٽيڊ)، محسن خواجه (محمود گروپ)، شاهجهان ملڪ (گارڊ ايگريڪلچر ريسرچ اينڊ سروسز پرائيويٽ لميٽيڊ)، عمر اشرف (سپر ايشيا موٽرز پرائيويٽ لميٽيڊ)، تنوير احمد (ايفل انڊسٽريز لميٽيڊ)، قاسم چوڌري (مرڪنٽائل انٽرپر??ئي??ز (پرائيويٽ) لميٽيڊ)، عمر ورڪ (حرا ملز لميٽيڊ) شامل هئا.