اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشري ۾ مثبت تبديليون آڻڻ جي لاءِ 1400 سال اڳ اسان جي نبي ﷺ جي جوڙيل شاندار روايتن تي عمل ڪرڻو پوندو. پنهنجي صدارت ۾ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان کي جديد ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي نوجوانن کي اجنبي ثقافت جي غي??اخ??اقي حملن کان بچائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽ?? قائم ڪرڻ جو مقصد اسان جي نوجوان نسل ۾ اخلاقي قدرن کي بيدار ڪرڻ آهي جنهن کي انٽرنيٽ جي هن دور ۾ هر طرح جي غي??اخ??اقي موقد تائين آن لائين پهچ حاصل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي تحقيق ذريعي ان ڳالهه جو تعين ڪن ته ڪهڙي طرح اسان جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙ نوجوانن جي ڪردار سازي کي موثر طريقي سان يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن سيرت طيبه جي شاندار تعليم جي روشني ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي سطح تي شاگردن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ نصاب ۾ تبديليون متعارف ڪرائڻ تي زور ڏنو.