اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل ر??هه آهي، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ تي عمل ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو ضامن آهي، اڄ پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر بڻائڻ جو مقصد پنهنجي رهبر ۽ پيغمبر جي صفتن ۽ زندگي مبارڪ تي عملدرآمد جي ڪو??ش آهي.
هن 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول صه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ??يو ته اسان جي ڪو??ش آهي ته اسان مديني جي رياست جي تصور مان پوري طرح رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ فلاحي رياست بڻايون، هاڻي منزل ايتري پري نه آهي، تمام جلد ان جا مثبت اثر مرتب ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اسان کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ مان رهنمائي حاصل ڪري معاشري ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فروغ ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
چوڌري فواد حسين ??يو ته خاتم النبين صه جي حيات طيبه نه رڳو مسلمانن پر سموري انسانيت جي سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ اخلاق ۽ اعمال جي درستگي جو عمده مثال آهي، هن ??يو ته نبي ڪريم صه جي تعلي??ات تي عمل ڪري اسان کي قومي، مذهبي ۽ اجتماعي مفادن کي سامهون رکندي پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته حاضر دور جي گهرج آهي ته اسان عشق محمد ﷺ کي پنهنجي ڪردار، گفتار ۽ عملي نموني سان دنيا تي ثابت ڪريون، هن دعا ڪئي ته ربيع الاول مهينو اسان جي لاءِ رحمت ۽ بخشش جو سبب بڻجي ۽ الله تعاليٰ اسان کي محسن انسانيت نبي ڪريم صه جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جي ر??هه تي گام??ن ڪري.