اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي کان عام ماڻهو جي متاثر هجڻ ج?? پتو ??هي?? معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊيز ڏئي رهي آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ احساس پر??گرام تحت معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي فراهمي جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس پر??گرام تحت غربت جو شڪار خاندانن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز فراهم ڪرڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عام ماڻهو کي مهگائي سبب درپيش مشڪلاتن جو احساس آهي ان لاءِ معاشري جي ڪمزور طبقن کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز فراهم ڪئي ويندي،
وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان، صحت سهولت ڪارڊز، احساس پر??گرام موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آهن جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ ??هي?? وزيراعظم هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز حاصل ڪرڻ جي باري ۾ طريقڪار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جامع آگاهي پر??گرام شروع ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته احساس پر??گرام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪ ئي آهي جنهن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ احساس پر??گرام تحت مستحقين کي ضروري شين ۽ س??تي اگهه تي فراهم ڪيون وڃن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته احساس پر??گرام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو ويو ??هي??
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، دفاع وارو وزير پر??يز خٽڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خا?? مددگار شهباز گل کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بنئڪ جو صدر ۽ سينئر عملدار موجود هئا.