دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ اهڙي جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورن گر??پن جي نمائندگي موجود هجي، افغانستان جي دوست جي حيثيت سان اسان پنجشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ان سلسلي ۾ پشتون گر??پن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مخ??لف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ تاجڪستان جي صدر امام علي رحم??نو?? سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي تاجڪستان جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن تاجڪستان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي تاجڪستان جي صدر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مخ??لف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ?? افغانستان جي صورتحال تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تاجڪستان پر پوري خطي لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته افغان عوام 40 سالن ??ان مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان کي امن جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪن جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ثالثي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوششون ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪستان پشتون گر??پن جڏهن ته تاجڪستان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آهي، افغانستان ۾ پشتون 45 سيڪڙو آهن، ان کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آهن، افغانستان ۾ جامع حڪومت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ قيام امن جامع حڪومت جي قيام سان ئي ممڪن آهي. ان ??ان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنبي جي صدارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۾ پاڪستاني جڏهن ته تاجڪستان جي صدر امام علي رحم??نو?? پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ان ??ان اڳ وزيراعظم عمران خان پاڪستان جڏهن ته صدر امام علي رحم??نو?? تاجڪساتن جي طرفان مخ??لف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي تعاون ۽ ٻٽي ٽيڪسن ??ان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل انٽيلي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلاعات سميت مخ??لف شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، مخ??لف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو.