اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ا??ف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسئيشن پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي خلاف مختلف ٽي وي چئنلز تي هلندڙ اشتهار کي رد ڪندي ا?? هڪطرفي ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلاعا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان مختلف صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ا??ف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي. صحافتي تنظيمن جي عهديدارن چيو ت?? پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ مختلف ٽي وي چئنلز تي اشتهار هلي رهيو آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته سمورين صحافتي تنظيمن ميڊيا ڊولپمنيٽ اٿارٽي بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هنن واضح ڪيو ت?? سمورين صحافتي تنظيمن ان ڄاڻايل بل کي رد ناهي ڪيو، عهديدارن چيو ت?? ماضي ۾ حڪ??متون ميڊيا مالڪن کان بليڪ ميل ٿينديون رهيون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي واحد حڪ??مت آهي جنهن ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، ڪجهه تنظيمن کي ميڊيا مالڪن جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، تنهن ڪري ا?? هڪطرفي اشتهار ۽ ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان سان رجوع ڪنداسين، ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ت?? جديد ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج جعلي بياني کي اصل بياني کان ڌار ڪرڻ آهي، موجوده سمورا قانون ڊجيٽل ميڊيا جي ا??قلاب کان پهرين تيار ٿيا، هاڻي موبائيل فون ئي اسان جي اخبار، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا آهي، هن چيو ت?? پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ ميڊيا مالڪن جا ٻه اعتراض آهن ته سوشل ميڊيا ۽ اخبار جي لاءِ ڌار ڌار اٿارٽيز هجڻ گهرجن، ميڊيا مالڪ گارنٽي فراهم ڪن ته سوشل ميڊيا جي خبر اخبار ۾ ۽ اخبار جي خبر سوشل ميڊيا تي شايع نه ٿيندي. اطلاعا?? واري وزير چيو ت?? پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جي لاءِ اسان پنج ملڪن جي قانونن کي اسٽيڊي ڪيو آهي، ان اٿارٽي ۾ ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل ٻه ادارا هوندا، ان تي حڪ??مت جو ڪنٽرول نه هجڻ گهرجي، مقررين لاءِ ڌار آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ت?? اسان ميڊيا ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جون ادائيگيون ڪيون آهن پر ان جي باوجود هو پنهنجي ورڪرز کي پگهار ادا نه ڪري رهيا آهن، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ت?? جڏهن 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعا?? وارو وزير بڻيو ت?? ان وقت هن ناڻي واري وزارت کي خط لکيو هو ت?? ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ان وقت اها 4 ارب روپيا هئي ۽ صرف ٽن سالن ۾ 25 ارب تائين پهچي وئي آهي، هن چيو ت?? نيٽ فليڪس ۽ ايمازون پاڪستان مان تقريبن 250 ملين ڊالرز وصول ڪندا آهن، اسان ان پليٽ فارمز تي پاڪستاني مواد شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ت?? موجوده حڪ??مت پهريون ڀيرو ڊجيٽل ميڊيا جي لاءِ فنڊز مختص ڪيا آهن، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل ??ي فيڪ نيوز ۽ صحافتن جي حقن بابت شقن تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ت?? پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري ا??ارٽي بل ??ي باقي شقن تي تجويزن جي آجيان ڪنداسين.