اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمر??ن خان سان برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب ملاقات ڪئي جنهن ۾ افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي سميت ٻطرفن معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير??عظ?? عمر??ن خان برطانوي وزير??عظ?? بورس جانسن سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحا?? تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. وزير??عظ?? پاڪستان ۽ خطي جي استحڪام لاءِ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، امن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ عوامي هجرت کي روڪڻ لازمي آهي. ان سلسلي ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. وزير??عظ?? زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغان عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي، مثبت رابطا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ پرامن، مستحڪم ۽ سمورن گروپن تي ٻڌل سياست کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزير??عظ?? افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر موجود ”سپوائلر“ جي ڪردار جي حوالي س??ن خبردار ڪندي چيو ته اهي صورتحال کي خراب ڪري سگهن ٿا. وزير??عظ?? برطانوي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت کي وارثن کان لڪائڻ جي ڀارت جي غيرانساني رويي بابت پڻ ٻڌايو. وزير??عظ?? عمر??ن خان پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن ۽ پراڻن لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزير??عظ?? پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻٽي شهريت رکندڙ شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ عالمي سياسي صورتحا?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.