اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين چيو آهي ته ڪجهه اڳوڻن بابوئن جي وزيراعظم کي لکيل خط تي حيران آهيان، تحريڪ انصاف ٻاهرئين ملڪ ??اڪستانين خاص طور تي پورهيتن سان گڏ هر حال ۾ بيٺل هوندي. وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته رويا بدلائڻ جي ضرورت آهي، عام ماڻهن سان اسان جي بيوروڪريسي جو سلوڪ قطعي طور تي فخر جوڳو نه آهي، اها عام شڪايت آهي ۽ سفارتخانا به ان کان آزاد نه آهن. ڪنهن به شعبي وانگر سفارتخانن ۾ تمام سٺا آفيسرز آهن پر اڳوڻن دورن ۾ پاڪستانين سان جيڪو سلوڪ رکيو ويندو هو ان تي داستان لکي سگهجن ٿا.