ترجمو: عدنان کوکر
چين – 14 – مارچ (اي پي پي) پا?? چين ا??تصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي خوش اسلوبي سان اڳڀرائي جي ڪري پا??ستان ا??ندڙ ڏينهن ۾ وسيع پئماني تي معاشي سرگرمين جي اميد رکي ٿو. چين جي حڪومت جي شاندار بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو (بي آر آئي) جي ڪري پا??ستان علائقائي اقتصادي سرگرمين ۾ اهم ڌر بڻجي ويو آهي. هن منصوبي سان نه رڳو واپار ذريعي اربين ڊالر جي آمدني ٿيند?? پ?? انفراسٽرڪچر جي ترقي، بجلي جي پيداوار، چرپر، ريلويز، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ منصوبن کانسواءِ هزارين مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. سي پيڪ تحت پا??ستان ۽ چين جي گڏيل منصوبي ذريعي سڄي ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ اهم حيثيت رکن ٿا. ان منصوبي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ٻين ملڪن پڻ ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪ چين ا??تصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو شروع ٿيڻ کانپوءِ اقتصادي سرگرمي زور شور سان جاري آهي جيڪو گهڻو اقتصادي تعاون تي ٻڌل آهي. جڏهن ته خصوصي اقتصادي زونز پا?? چين ا??تصادي لنگهه منصوبي تحت تعمير ڪيا پيا وڃن جن جو بنيادي مقصد چيني صنعت ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آه?? پ?? ٻئي ملڪ اڳ ۾ ميگا پراجيڪٽ ۾ ٽئين ڌر جي شرڪت جي آڇ ڪري چڪا آهن. سعودي عرب، قطر، ايران، وچ اوڀر جي ملڪن ۽ ڪجهه يورپي ملڪن سميت ڪيترن ئي ملڪن اڳ ۾ ئي صنعتي زونز ۾ خصوصي طور تي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. سي پيڪ ۾ ٽئين ڌر جي شموليت سمورين ڌرين جي لاءِ هڪ جهڙي فائديمند آهي ڇو ته ان سان پرڏيهي ڪمپنين کي پا??ستان حڪومت جي پيش ڪيل منافعو ڏيندڙ سهولتن مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان گڏ ئي پا??ستان کي ممڪن عالمي منڊي ۾ پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
چيني عملدارن پڻ سي پيڪ ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ وسيع تر شرڪت جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي. گوادر فري زون کانسواءِ سي پيڪ تحت ڪل 9 خصوصي اقتصادي زون جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي جن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چار ترجيحي زون بشمول ڌاٻيجي، علامه اقبال انڊسٽريل سٽي، رشڪئي اڪنامڪ زون ۽ بلوچستان ۾ بوستان اڪنامڪ زون شامل آهن. سي پيڪ جو مقصد معاشي ۽ واپاري محاذن تي پا??ستان جي عالمي حيثيت کي مستحڪم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي دنيا جي اعليٰ معيشتن ۾ شامل ڪرڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ٻئي سرڪاري ادارا وزيراعظم عمران خان جي متحرڪ قيادت ۾ مصروف آهن. 60 ملين ڊالر جي سي پيڪ پراجيڪٽ تحت 53 ارب ڊالر ماليت جي مختلف منصوبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ لنگهه تحت 25 ارب ڊالر ماليت جا 17 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 19 منصوبا تعمير هيٺ آهن ۽ تاريخي ايم ايل ون ريلوي پراجيڪٽ سميت وڌيڪ 28 منصوبا منصوبابندي ۽ منظوري جي مختلف مرحلن ۾ آهن. انهن منصوبن ۾ ٽي حصا رقم چيني سيڙپڪاري تي ٻڌل آهي جيڪا چيني قرضن جي ڄار جي عالم?? پ??وپئگنڊه جي نفي ڪري ٿي.
منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن وار?? پ??رلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سي پيڪ تحت 9 مان 4 اڪنامڪ زون تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته انهن زونز ۾ شروع ڪيل خصوصي معاشي سرگرميون ملڪ ۾ معيشت جي مجموعي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ کانسواءِ لکين اڻ سڌي ۽ سڌي روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان جا چيني هم منصب صنعتي ترقي ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪري رهيا آهن پر مقامي ماڻهو به سي پيڪ تحت ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. پارلياماني سيڪريٽري سي پيڪ تحت 5 شعبن جي نشاندهي ڪئي جن سان ماڻهن جي زندگي تي سڌوسنئون يا اڻ سڌي طرح مثبت اثر پوندا جن ۾ رابطي، توانائي جا منصوبا، وزيراعظم جو صاف سٿرو ۽ سرسبز منصوبو، سماجي ۽ اقتصادي ترقي شامل آهن. هن ٽئين ڌر جي سي پيڪ ۾ شموليت جي آجيان ڪندي چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻيا اولهه ملڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿا ته اهو پوري خطي ۽ ان کان اڳتي جي علائقن ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن ٻڌايو ته قطر کي به گهرايو ويو آهي ۽ اهو ملڪ ڊگهو رستو اختيار ڪرڻ بدران مختلف ملڪن کي مايع قدرتي گئس جي فراهمي جي لاءِ سي پيڪ جي مختصر رستي جي چونڊ ڪري سگهي ٿو.
فيڊريشن آف پا??ستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري، ڪيپيٽل آفيس جي چيئرمين قربان علي چيو ته سي پيڪ پا??ستان جي لاءِ گيم چينجر آهي، وڌيڪ ملڪن جي شرڪت سان ا??س اي زيز ۾ وسيع تر سرگرمي سان ا??هن زونز ۾ معاشي سرگرمي کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب، آمريڪا ۽ ٻين ا??لهه ملڪن جون ڪمپنيون پا??ستان جي خصوصي اقتصادي زون ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿيون ته سي پيڪ کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ اهو سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه شهر عالمي بندرگاهه شهرن جهڙوڪ دبئي کي پٺتي ڇڏڻ جي صلاحيت رکي ٿو ڇو ته ان کي هڪ طرف ايران، ترڪيءَ ۽ وچ اوڀر ملڪن سميت پوري خطي ۽ ٻئي طرف افغانستان، چين، وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کانسواءِ يورپ سان ڳنڍي سگهجي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ کي واخان لنگهه سان پڻ ڳنڍي سگهجي ٿو جيڪا 76 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي ۽ نه رڳو افغانستان پر وچ ايشيائي رياستن تائين پڻ پهچ جي لاءِ لنگهه آهي. وچ ايشيائي رياستن تائين پهچڻ جي لاءِ اسان کي ان مختصر رستي مان پوري طرح فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران سي پيڪ تحت خصوصي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ صنعتڪارن جي لاءِ پيش ڪيل سهولتون ا??تهائي منافعو ڏيندڙ آهن ۽ هاڻي نه رڳو مقام?? پ?? غيرملڪي صنعتڪار پڻ علامه اقبال انڊسٽريل پارڪ فيصل آباد، رشڪئي ۽ ٻين ا??تصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي گيٽ وي هجڻ جي لحاظ کان گلگت بلتستان (جي بي) انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ صنعتي ترقي ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ان خطي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ مقفنداس زون جي لاءِ زمين مخصوص ڪئي آهي ۽ ان جڳهه تي اڪنامڪ زون کي ترجيحي طور تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ا?? علائقي جا ماڻهو به ملڪ ۾ مجموعي ترقياتي عمل مان فائدو کڻي سگهن. جيئن ته سي پيڪ جي ذريعي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ترقياتي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن عوام جلد کان جلد ان ميگا پراجيڪٽ جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهي.
ڪوويڊ – 19 جي ڪري قيمتن ۾ اضافي ۽ عالمي معاشي ٻاڙائي جي ڏس ۾ پڻ سي پيڪ منصوبن جي اهميت ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي. سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد سان وڏي تبديلي اچي ويندي ۽ سستيون شيون ۽ جنسون ۽ روزگار جي فراهمي جي لحاظ کان عوام جي زندگين ۾ سهولت ۽ نمايان تبديلي ايندي.