اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو اهم جز آهي، هن چيو ته ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ ميڊيا جو مثبت ڪرد??ر انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته صحافي برادري کي پيشيوراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارلياماني صحافين کي مبارڪباد ڏيندي خاطري ڪرائي ته پارلياماني صحافين جي ٻين تجويزن بشمول پريس گئلري جي سگهه، جديد ٽيڪنالاجي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو ته جيئن صحافي برادري پنهنجي پيشيوراڻي سرگرمين کي موثر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اها پريس گئلري ۾ پارلياماني صحافين جي پيشيوراڻي ذميوارين کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪري. صحافي جي هڪ سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مخالف ڌر وزيراعظم جو ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي عوام ۾ منفي پروپيگنڊا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ ۾ پريس گئلري ۾ سڄي ملڪ جي ميڊي?? جي موجودگي ۾ اعتماد جي ووٽ جا غلط انگ اکر پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ سياست ۾ عدم برداشت ۽ تلخي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪندو ر??ندس. هن چيو ته مخالف ڌر سان پيش ايندڙ معاملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پيش آيل معاملن جو جائزو وٺندي. ان موقعي تي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڳالهائيندي چيو ته جمهوري نظام ۾ ميڊيا جو ڪرد??ر انتهائي اهم آهي، اظهار جي راءِ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، آزاد ميڊي?? جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پي آر اي جي صدر بهزاد سليمي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ميڊي?? جي لاءِ جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ان سان فرضن جي ادائيگي ۾ نمايان بهتري ايندي هن سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپڪر کي درخواست ڪئي ته ميڊيا پرسنز کي ايوان جي اندر ٽي وي ڪئميرا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ان ڳالهه جو فيصلو پارلياماني اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيو ويندو.