لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ سستي سهولتن جي فر??همي ۽ سماجي تحفظ ??راهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هليٿ ڪارڊ جي ڪري نه رڳو عام ماڻهو کي صحت جي حوالي سان تحفظ ??راهم ٿيندو پر صحت جي نظام ۾ ب?? انقلابي تبديلي رونما ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ ان??ورنس جي فر??همي جي حوالي سان اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي صوبائي ڪابينا پاران صوبي جي 100 سيڪڙو آبادي کي هن سال جي آخر تائين يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فر??همي جي منظوري کانپوءِ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان آ??اه?? ڪيو ويو، صحت سهولت پروگرام جي فزيبلٽِ، بجيٽ جي ڪاٿي ۽ مرحليوار عملدرآمد تي شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي آ??اه?? ڪيو ويو ته ڊگهي مدي واري پلان تحت موجوده مالي سال جي پڄاڻي تائين ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن جي 7 ضلعن ۾ هليٿ ڪارڊن جي فر??همي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته ڊسمبر 2021ع تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي کي يونيورسل هيلٿ ان??ورنس تحت هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي علاج جون بهترين سهولتون ميسر هونديون.