اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اهي آبادگار مارڪيٽ?? جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن، کاڌي پيتي جي شي?? جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد نه ڪندڙ?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ??ڇي. وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شي?? جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان انتظامي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزيرن، صلاحڪارن، صوبائي ??زيرن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم هول سيل ۽ ريٽيلرز جي سطح تي قيمتن ۾ فرق تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ڪمزور عملدرآمد مڪينزم ۽ريگيوليٽري مڪينزم ۾ ڪوتاهي?? جي نشاندهي ٿئي ??ي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ محدود آبادگار مارڪيٽس پڻ آبادگار?? جي استحصال جو هڪ سبب آهن. مڊل مين ??ار??ن ناحق منافعي جي ڪري قيمتن ۾ اضافو ٿئي ??و ۽ ان سان غريب متاثر ٿئي ??و. وزيراعظم صوبائي چيف سيڪريٽرين کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي اٽي جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪڻڪ جي پيڙهائي جي شرح جي حوالي سان ٺوس منصوبو پيش ڪن ته جيئن اٽي جي قيمتن کي هي?? آڻي سگهجي. وزيراعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي 24 ڪلاڪن ۾ فارمر مارڪيٽس جو انگ وڌائڻ، نجي شعي کي پنهنجي ذاتي مارڪيٽس قائم ڪرڻ ۽ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل منصوبو پيش ڪن.