اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشي ترقي ۾ ميري ٽائيم سيڪٽر جي اهميت جي ڪري ان جي فروغ لاءِ ڪوشان آهي، حڪومت طرفان 2020ع تي بليو اڪانومي جو سال قرار ڏيڻ بحري معيشت جي ترقي لاءِ حڪو??تي قدمن جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي ??يو. نيول هيڊڪوارٽرز اچڻ تي پاڪ بح??يه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ پاڪ بح??يه جي دستي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ??يو.